دنيا ۾ ڪورونا جي وبا جاري سڀ کان وڌيڪ آمريڪا متاثر

واشنگٽن (ويب ديسڪ) دنيا ۾ ڪورونا جي وبا جو تيزي سان ڦهلاءُ جاري آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آمريڪا بڻجي ويو آهي.جتي وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 5 لک 33 هزار کان به مٿي ٿي ويو آهي ۽ مرڻ وارن جو تعداد 20 هزار 500 کان وڌي ويو آهي. صرف نيويارڪ شهر ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ هڪ لک ۽ مرندڙن جو انگ 6 هزار کان مٿي آهي جن ۾ 100 کان مٿي پاڪستاني به شامل آهن. مريضن جي تعداد جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي اسپين آهي جتي هڪ لک 63 هزار کان مٿي ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن ۽ مرندڙن جو انگ 16 هزار 600 کان مٿي آهي. اٽلي ۾ هڪ لک 53 هزار کان مٿي مريض آهن ۽ مرندڙن جو انگ 19 هزار 400 کان مٿي آهي. فرانس ۾ هڪ لک 29 هزار کان مٿي مريض آهن ۽ مرندڙن جو انگ 13 هزار 800 کان مٿي آهي. جرمني ۾ سوا لک کان مٿي مريض آهن ۽ مرندڙن جو انگ 2 هزار 800 کان مٿي آهي. برطانيا ۾ 79 هزار مريض آهن ۽ مرندڙن جو انگ 9هزار 800 کان مٿي آهي. چين ۾ 82 هزار کان مٿي مريص آهن 3300 کان مٿي ماڻهو مري چڪا آهن. پاڪستان ۾ مريضن جو انگ 5038 آهي ۽ مرندڙن جو انگ 86 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 2421 مريض آهن ۽ 21 ماڻهو فوت ٿيا آهن. سنڌ ۾ 1318 مريض آهن ۽ 28 فوت ٿيا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 697 مريض آهن ۽ 31 ماڻهو فوت ٿيا آهن، بلوچستان ۾ 228 مريض آهن ۽ 2 فوت ٿيا آهن. گلگت بلتستان ۾ 216 مريض آهن ۽ 3 فوت ٿيا آهن، اسلام آابد ۾ 119 مريض آهن هڪ فوت ٿيو آهي ۽ ڪشمير ۾ 35 مريض آهن ۽ ڪو به اڃا فوت ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو