دنيا ۾ سڀ کان مهانگو ۽ سستو پيٽرول ڪهڙي ملڪ ۾ آهي

اسلام آباد(الله وسايو گهوٽو)هر ملڪ ۾ پيٽرول يا ڊيزل جي قيمتن ۾ تبديليون مهانگائي تي سڌو اثر انداز ٿين ٿيون. پاڪستان سميت اڪثر ملڪن ۾ تيل جي قيمتن جو جائزو 15 ڏينهن يا مهيني جي بنياد تي ورتو ويندو آهي جڏهن ته هندستان سميت دنيا جا ڪجه اهڙا  ملڪ آهن جتي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون روزاني جي  بنيادن تي تبديل ڪيون وينديون آهن.هن وقت پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 100رپيا.69پيسا في ليٽرآهي  جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 105رپيا .43 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.سڀ کان مهانگو پيٽرول 30 نومبر تائين  دنيا ۾ اوسط پيٽرول جي في ليٽر قيمت 162. رپيا30 پيسا پاڪستاني ڪرنسي مطابق هئي. سڀ کان مهانگو پيٽرول هانگ ڪانگ ۾ آهي جتي ان جي قيمت 364.85 رپيا في ليٽر آهي.ٻيو نمبرتي شام آهي  جيڪو گهرو ويڙهه جو شڪار آهي جتي پيٽرول 326 روپيا في ليٽر تي وڪرو ٿئي ٿو ٽئين نمبر تي سينٽرل آفريقن ريپبلڪ آهي جتي پيٽرول جي قيمت 320 روپيا 42پيسا   في ليٽر آهي.دنيا ۾ سڀ کان سستو پيٽرول وينزويلا ۾ آهي جتي پيٽرول قيمت 3.20 روپيا في ليٽر پاڪستاني روپيا آهي.ٻئي نمبر تي ايران آهي جتي پيٽرول 9 روپيا  22 پيسا في ليٽر پاڪستاني روپيا وڪرو ڪيو وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو