دنيا جي عجيب عورت، جنهن کي سور ۽ سڙڻ جو احساس نٿو ٿئي

اسڪاٽ لينڊ (۾ ڊ) جو ڪيمرون نالي عورت کي سور ناهي ٿيندو ايتري قدر جو هن کي پنهنجي چمڙي جي سڙڻ جو احساس ان وقت ٿيو جڏهن کيس گوشت جي سڙڻ جي بوءِ آئي. سندس ٻانهن ۽ هٿ اڪثر ڪري اوون ۾ سڙندا آهن پر کيس سور يا تڪليف محسوس ناهي ٿيندي. جو ڪيمرون دنيا جي انهن ٻن سيڪڙو ماڻهن ۾ شامل آهي جن جي جينز ۾ مخصوص تبديلي واقع ٿئي ٿي. ان تبديلي سبب کيس سور نٿو ٿئي ۽ نه ئي هو ذهني طور بي سڪون يا خوفزده ٿئي ٿي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جو ڪيمرون کي ان معاملي جو احساس 65 سالن جي ڄمار ۾ ٿيو آهي. جڏهن سندس هڪ وڏو آپريشن ٿيو ته ڊاڪٽرن محسوس ڪيو ته کيس سور جو احساس نه ٿيڻ وارين دوائن جي هن کي ضرورت نٿي پوي. هن جي هٿ جي آپرشن دوران جڏهن کيس ڪا تڪليف محسوس نه ٿي ته ڊاڪٽرن کيس لنڊن ڪالج يونيورسٽي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي تحقيق لاءِ موڪليو. جتي مختلف ٽيسٽ ٿيڻ بعد کيس ٻڌايو ويو ته هو ايتري صحتمند ناهي جيترو کيس احساس آهي. هن ٻڌايو ته کيس بارن ڄڻڻ دوران به کيس سور يا تڪليف محسوس نه ٿي هئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته زخم جي صورت ۾ سندس زخم ٻين جي ڀيٽ ۾ جلد ٺيڪ به ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جو ڪيمرون جي انهن جينز تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ۽ ان مان اهو به پتو ڪري سگهجي ٿو ته انهن جينز جي مدد سان اهڙي دوا تيار ڪجي جنهن سان جلد زخم ڀرجڻ ۽ سور ۾ رليف ملي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو