دنيا جي تيز ترين اسپيڊ واري موٽر سائيڪل تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ تيز ترين اسپيڊ واري موٽرسائيڪل تيار ڪئي وئي آهي جيڪا 402 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي سگهي ٿي. رابرٽ وائيٽ نالي انجنيئر اها بائيڪ تيار ڪئي آهي جيڪا ايندڙ سال 2022 ۾ پنهنجي آزمائشي رائيڊ لاءِ ميدان ۾ ايندي. رابرٽ جو چوڻ آهي ته جيئن جيئن اسپيڊ وڌندي آهي ته هوا اوهان کي روڪيندي آهي ۽ مون ڊزائين ۾ هوا جي خارج ٿيڻ لاءِ خصوصي ڊزائن تيار ڪئي آهي. دنيا ۾ ريسنگ واريون ڪار گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپني “ڪارز فارمولا 1” سان ڪم ڪندڙ 22 سالن جو تجربو رکندڙ هن انجنيئر جو چوڻ آهي ته هي اليڪٽرڪ بائيڪ آهي ۽ ان جي وچ ۾ ڪاربان ٽنل آهي جيڪا هوا جي گذر ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جنهن سان ان جي اسپيڊ 250 ميل يا 402 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين ٿي سگهي ٿي. فرنٽ وهيل هائيڊرولڪ اسٽيئرن واري هن بائيڪ جي پوئين وهيل کي چين سان ڳنڍيو ويو آهي ۽ ان ۾ 30 ڪلو واٽ في ڪلاڪ جي طاقر واريون 2 موٽر لڳل آهن جيڪي اسپيڊ وڌائين ٿيون. هن ۾ 15 ڪلو واٽ واري بيٽري استعمال ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو