دنيا جو هڪ وڏو سائنسدان جڏهن ڌيءَ جي فيس لاءِ پريشان ٿيو!

تحرير بلال ڪريم مغل

هي ڪتاب لکڻ جو هڪ مقصد منهنجي ڌيءُ جي اسڪول جي فيس ادا ڪرڻ هو پر منهنجو بنيادي مقصد اهو ڏيکارڻ هو ته ڪائنات جي بابت اسان جي علم ۾  ڪيترو اضافو ٿيو آهي.”  پروفيسر اسٽيفن هاڪنگ اڳيئي 80 واري ڏهاڪي ۾ نظرياتي فزڪس جي دنيا ۾ سپر اسٽار بڻجي چڪو هو  پر ٻاهر جي دنيا وارا ماڻهو هن کان ۽ هن جي ڪم کان ھوريان ھوريان  واقف ٿي رهيا هئا. اها خوش قسمتي  چئجي يا ڪجهه ٻيو 1983 ۾ جڏهن اسٽيفن هاڪنگ ڪتاب لکڻ جو سوچي رهيو هو ته پيٽر گزارڊي نالي ھڪ ايڊيٽر 1983 ۾ نيويارڪ ٽائمز ميگزين ۾ اسٽيفن هاڪنگ جي پروفائيل ۽ ان جي ويل چيئر تي  تصوير ڏٺي۔

بي بي سي جي لوئز هڊالگو سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو هو ته هو ان جي  ڪم مان متاثر  آھي ۽ اسٽيفن هاڪنگ سان رابطو ڪيو  اهو  معلوم ڪرڻ لاءِ ته ڇا هو اهڙو ڪتاب لکڻ چاهي ٿو جيڪو هڪ عام ماڻهو کي ڪائنات جي شروعات بابت ٻڌائيندي ايٽم جي  اندر جي دنيائن جي  سير تي  وٺي ھلي۔ خوش قسمتي سان  انهن ڏينهنن ۾ اسٽيفن هاڪنگ هڪ اهڙي ئي ڪتاب لکڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو.هن چاهيو ٿي ته هن جو ڪتاب آمريڪا ۽ برطانيا جي ايئرپورٽن تي ھٿو ھٿ وڪامجي  يعني عام ماڻھو ۾ مقبول ٿئي ۽  واقعي ھي ڪتاب ھٿون ھٿ وڪاميو ۽ اهو ڪتاب  147 هفتن تائين نيويارڪ ٽائمز ۾ وڪرو ٿيندڙ بهترين ڪتابن ۾ شمار رھيو ۽ ايندڙ پنجن سالن تائين انهي فهرست جو حصو رهيو. اها ڳالهه اڃا تائين بحث هيٺ آهي ته ڪيترن ماڻهن ھن ڪتاب  کي مڪمل طرح سان پڙھيو  ۽ ڪيترن ماڻهن اهو  ڪتاب خريد ڪري رکي ڇڏيو پر هي اهو ڪتاب آهي جنهن اسٽيفن هاڪنگ کي تحقيقاتي حلقن کان ٻاهر دنيا ۾ متعارف ڪرايو.

هاڪنگ اسان جي وقت جي سڀني مشهور سائنسدانن مان هڪ آهي جن جو  ڪم  علم ڪائنات (ڪوسمولوجي)  شعبي ۾ خاص اهميت رکي ٿو. هو  ان وقت پي ايڇ ڊي شاگرد هو جڏهن  ھڪ اھڙي جسماني بيماري ۾ مبتلا ٿيو جيڪا آهستي آهستي هن کي ڪمزو ڪندي وئي۔ پر هن ان بيماري  کي پنهنجي ڪمزوري  ٿيڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي تحقيق تي ڪم جاري رکيو ۽ ھن اھو ڪتاب ان دور ۾  ئي لکيو۔ ان وقت اسٽيفن هاڪنگ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ لوڪيزيئن پروفيسر آف ميٿاميٽڪس ھيو۔ ھي اھو ساڳيو ئي عھدو آھي جنھن تي ان کان پھريان مشھور سائنسدان آئزڪ نيوٽن به رھيو ھيو۔ ڪيمبرج يونيورسٽي پريس ۾ سائنس پبليڪيشن جي ان وقت جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سائمن مٽن مطابق  اسٽيفن هاڪنگ ان وقت پنهنجي مالي حالتن کان ٿورو پريشاني جو شڪار هو ۽ پنهنجي بيماري جي نوعيت جي ڪري انشورنس حاصل ڪرڻ کان قاصر هو. تنهنڪري هن ڪتاب لکڻ لاءِ پنهنجي تحقيق واري ڪم مان وقت ڪڍي ڪتاب لکڻ تي ڌيان ڏنو۔ ڊاڪٽر مٽن جو چوڻ آهي ته جڏهن هن ڪتاب جو پهريون مسودو ڏٺو ته اهو سائنسي فارمولن سان ڀريل هو ۽ هن کيس ٻڌايو ته هر فارمولو ڪتاب جي وڪرو کي گهٽائڻ جو سبب بڻبو آھي۔ ڊاڪٽر مٽن جي مطابق  جڏهن اسٽيفن هاڪنگ هن کي ٻڌايو ته هو  ھي ڪتاب  امريڪا ۽ برطانيه  ايئرپورٽس جي ڪتابي اسٽالن تي سڀ کان مٿان ڏسڻ چاهي ٿو  ان تي ڊاڪٽر مٽن ان ڪتاب کي وڌيڪ آسان بنائڻ لاءِ زور ڀريو ۽ صرف آئن اسٽائن جو ٽن اکرن وارو  سائنسي  فارمولا رکڻ لاء  چيو۔

پيٽر گزارڊي  بيان ڪري ٿو ته اسٽيفن هاڪنگ  ڪجھه ئي ڏينھنن  ۾   100 صفحن تي مشتمل ڪتابي مسودو پيش ڪيو جيڪو پبلشر  بينٽم پريس ڏسي ڪري  کيس 250،000 ڊالر ايڊوانس جي پيش ڪش ڪئي پر ڪمپني جي وڪيلن مداخلت ڪئي ۽ چيو ته هڪ اهڙو ماڻھون جيڪو سنگين بيماري ۾ مبتلا آھي۽ ان   شخص سان ھڪ وڏي رقم جي بدلي ڪتاب لکڻ جو معاهدو ڪيو پيو وڃي ۽ اسان اهو نٿا ڄاڻو  ته هو اهو ڪتاب لکي سگهندو يا نه. پيٽر گزارڊي  موجب ڪمپني جي سربراهه چيو ته اسين اهو خطرو وٺڻ لاءِ تيار آهيون. دلچسپ موڙ تڏھن آيو جڏهن اسٽيفن هاڪنگ 1985 ۾ نمونيا جي ڪري موت جي تمام ويجھو ھو ۽ هن جو  آواز به مڪمل طور تي بند ٿي ويو جڏھن ھن جي زندگي  بچائڻ لاءِ سرجري ڪرڻي پئي پر  پوء هن پنهنجو ڪم ڪمپيوٽر جي مدد سان مڪمل ڪيو. اسٽيفن هاڪنگ هڪ مسودو لکي ڪري  ان کي پيٽر گزارڊي  ڏانهن موڪليندو ھو ۽ وري پيثر گزارڊي ان ۾ تمام گھڻيون تبديليون  ڪري کيس واپس موڪليندو ھو۔ بقول اسٽيفن هاڪنگ جي ته شايد   ھي مرحلو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو پر جڏهن ڪتاب مارچ 1988 ۾  مارڪيٽ ۾ آيو ته پيٽر گزارڊي  موجب هن ڪتاب اها ئي ڪاميابي  حاصل ڪئي جيڪا هو ۽ اسٽيفن هاڪنگ چاهيندا هئا.

ڪتاب جي شروعات زمين ۽ ڪائنات ۾ ان جي اھميت   قديم يوناني نظريات سان  ٿئي ٿي  جيڪا جديد فزڪس ۾ البرٽ آئنسٽائن جي جنرل Theory of Relativity  ۽ پوءِ ڪوانٽم ميڪينڪس تائين پھچي  ٿي۔ آئن اسٽائن جو نظریہ اضافيت ۽ ڪوانٽم ميڪنڪس (جنهن تي ڪيترائي سائنسدان ڪم ڪري چڪا آهن) ٻه اھڙا  نظريا آهن جيڪي ڪائنات جي هڪ مڪمل تصوير مهيا ڪن ٿا پر اهي ٻئي نظريه هڪٻئي سان مطابقت رکندڙ نه آهن ۽ انهن کي هڪ سائنسي نظرئي ۾ ضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪنهن به اهڙي ضم ڪيل نظريي کي Theory of Every Thing چيو ويندو آهي ۽ اسٽيفن هاڪنگ  هن ڪتاب ۾ ان تي تفصيل سان لکيو آھي ۽ ڪتاب جي  آخري پيراگراف ۾ ان تي تبصرو ڪيو آھي  جنھن کي تمام گھڻي پزيرائي حاصل ٿي  ۽ عوام  ۾ ان متعلق بي حد شعور اڀاريو۔  هن ڪتاب جي آخري پيراگراف ۾ لکيو ته جيڪڏهن اسان ڪو اهڙو مڪمل نظريو ڳولھي وٺون ته پوء اھو انساني عقل ۽ منطق جي سڀ کان وڏي حاصلات هوندي ڇاڪاڻ ته پوءِ اسين خدا جي ذهن(مطلب خدا جي تصور / موجودگي) کي سمجھي سگھندا سين۔ پاڻ اسٽيفن هاڪنگ بعد ۾ چيو ته جيڪڏهن اهو پيراگراف ختم ڪيو وڃي ها ته ڪتاب جو وڪرو شايد اڌ ٿي وڃي ها. محمد حمزه وسيم  آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڪوانٽم فزڪس جو پي ايڇ ڊي شاگرد ۽ ٽيوٽر آهي ڪتاب جي اهميت کي اجاگر ڪندي ھن  چيو آهي ڪتاب جي ڪاميابي جو هڪ بنيادي سبب اسٽيفن هاڪنگ جا حالات هئا. هن بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسٽيفن هاڪنگ پاران پنهنجي معذوري دوران لکيل هي ڪتاب ماڻهن لاءِ گهڻي دلچسپي جو باعث هو  ڇو ته جسماني معذور ماڻهو لاءِ فزڪس ۾ جديد تحقيق ماڻھن لاء حيرانگي  ۽ اميد جو سبب بڻيو ۽ اهو سچ آهي ته  اسٽيفن هاڪنگ جي ڪا تحقيق  ڪنهن ماڻھو  جي ذهن ۾ اچي يا نه  پر ھي ڪتاب ۽ هن جي بيماري ذهن ۾ ضرور ايندي. پر حمزه جي راءِ ۾ هاڪنگ کي اھا ڳالھ پسند نه ھوئي ته  ھو پنھنجي  بيماري کي پنهنجي شهرت جو سبب بڻائي ۽ ڪنهن فائدي لاءِ استعمال ڪري۔ اسٽيفن هاڪنگ پاڻ وال اسٽريٽ جرنل لاءِ پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۽ انهي نقطي تي بحث ڪندي چيو ته جيڪي ماڻھو ھن  ڪتاب کي  دماغ جي هن زاويه سان خريد ڪن ٿا انھن کي  مايوس ٿي ھوندي۔ پروفيسر هاڪنگ ڪتاب بابت ٿيل تبصرن جي وضاحت ڪئي ته ڪيئن سندس بيماري ۽ معذوري سڀ کان پهرين هر تبصري ۾ بيان ڪئي وئي پر ڇا پروفيسر هاڪنگ جو  ھي ڪتاب پهريون سائنسي ڪتاب آھي  انهن عنوانن تي ؟

مشهور پاڪستاني فزڪسٽ ڊاڪٽر پرويز هودڀائي جي مطابق هن ڪتاب ۾ شامل مضمون سائنس جي مشهور ڪتابن ۾ اڳ ئي ظاهر ٿي چڪا آهن  پر اسٽيفن هاڪنگ جي شخصيت ۽ انداز هن ڪتاب کي انتهائي مقبول بڻائي ڇڏيو آهي. پرويز هود ڀائي جو چوڻ آهي ته ڪوانٽم ميڪينڪس فزڪس جو بنيادي ٿنڀو آهي ۽ ان کي سمجھڻ ۾ ڪيترائي سال لڳن ٿا  تنهن ڪري هن جي مطابق هي ڪتاب يقيناً  ان جي لاءِ  بلڪل نه آھي جنهن جي پهرين سائنسي ڪتاب هي آھي پر هو انهي طرف اشارو ڪري ٿو ته اسٽيفن هاڪنگ کي ياد ڪيو ويندو هن جي سائنسي ڪتابن لاءِ نه جيڪي ھن عوام لاءِ لکيا  پر بنيادي طور هن کي  ياد ڪيو ويندو ڪوسمولوجي ۾ ڪم ۽ ان تي  تحقيق لاءِ. (هي مضمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو جيڪو  سنڌيار لاءِ جاويد سولنگي ترجمو ڪيو.) jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو