دفاعي پيداوار ۾ نجي شعبي جي شراڪت ضروري آهي. آرمي چيف

راولپنڊي(ڊيسڪ رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دفاعي صنعت جي بهتري جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ضروري آهي. آءِ ايس پي آر موجب دفاعي پيداوار ۽ سيڪيورٽي انحصار جي موضوع تي سيمينار ٿيو. سيمينار ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي خطاب م وڌيڪ چيو ته دفاعي پيداوار جي لاءِ حڪومتي ادارن سان گڏ خانگي شراڪت ضروري آهي. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا وسيع موقعا موجود آهن. خود انحصاري جي پاليسي جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ضروري آهي. سيمينار ۾ وفاقي وزير زبيده جلال، فواد چوڌري ۽ عبدالرزاق دائود به شرڪت ڪئي. زبيده جلال ۽ فواد چوڌري ملڪي دفاعي صنعت کي موثر بڻائڻ تي خيالن جو اظهار ڪيو. واپار واري مشير رزاق دائود قومي سلامتي ۾ خود مختار دفاعي صنعت جي اهميت تي روشني وڌي.

پهنجو تبصرو موڪليو