دريائي ٻيلن جي بحالي؛ 14 ٻيڙيون ٻيلي کاتي حوالي

تحرير؛ سيد ساجد حسين شاهه

ٻيلا جياپو آهن، وڻڪاري ۾ واڌ ملڪي سطح تي ماحول کي بهتر ڪرڻ ۽ موسمي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اهم آھي. ساوڪ جي پکيڙ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. ھون تہ وڻڪاري جي ھميشه کان اھميت رھي آھي ، پر اڄوڪي صنعتي ترقي ۾  ان جي اهميت ٻيڻي ٿي پئي آھي انساني زندگيون بچائڻ لاءِ بين الاقوامي سطح تي وڻڪاري لاءِ جاگرتا سميت عملدرآمد تي گهڻو ڌيان ڏنو پيو وڃي ٿو ته جئين موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصان کان بچي سگهجي .ان کان علاوه وڻڪاري سبب ٻوڏ واري صورتحال ۾ ڪچي جي علائقن ۾ وڻ وڌيڪ هوندا ته درياء جي پاسن ۽ ڪپن کي گهٽ نقصان ٿيندو انهي سلسلي ۾ سنڌ   ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪچي واري زمين جيڪا قبضي هيٺ آهي انهي کي واپس سرڪاري قبضي ۾ وٺي وڻڪاري ڪري ٻيلن جي بحالي کي هٿي ڏني وڃي جنهن لاءِ ٻٻر جا وڻ مددگار ثابت ٿيندا جنهن لاءِ گذريل مهيني ٻيلي کاتي سنڌ پاران حيدرآباد ۾ هڪ ئي وقت هڪ لک وڻ پوکڻ جو عملي مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو ۽ ان وڻڪاري جو افتتاح شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن کي کڻي هلندڙ نوجوان قيادت ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي فرزند چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هٿن سان ڪيو جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ٻيلي کاتي جو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ساڳئي ريت سنڌ حڪومت چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن هيٺ صوبي جي سمورن شهرن توڙي ڪچي ۾ وڻڪاري واري عمل ۾ تيزي آندي آهي. سکر دنيا ۾ هڪ وڏي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ شهرن ۾ سڃاتو ويندو آهي ان شهر جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي سنڌو درياء جي ڀرسان آباد آهي ۽ معمول واري ٻوڏ کانپوءِ سنڌو درياء جي ڪچي ۾ پوکي ۾ ڪا به مشڪل پيش نٿي اچي جنهن لاءِ سنڌ سرڪاري پاران صوبي جي بهتر فائدي لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته ڪچي ۾ قبضي هيٺ زمين خالي ڪرائي ان ۾ وڻڪاري ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌوءَ درياهه ڪناري تاريخي ستين جي آستان وٽ ڪچي جي علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي ۽ وڻ پوکڻ لاءِ 18 لک رپين جي لاڳت سان تيار ٿيل 14  ٻيڙيون لاڳاپيل فاريسٽ ڊويزنن حوالي ڪرڻ واري تقريب ٿي گذري. تقريب ۾ مڪاني کاتي،  اطلاعات، ٻيلي کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ته معمول واري ٻوڏ جو پاڻي اچڻ کانپوءِ ڪچي جي ٻيلن ۾ ٻيڙين جي مدد سان ٻٻر ۽ ٻين وڻن جي ٻج جي ڇٽ ڪئي ويندي ته جيئن ٻيلا اصل حالت ۾ بحال ٿي سگهن، جڏهن ته قبضا گيرن کان خالي ڪرايل ٻيلن جي زمينن تي پڻ لکين وڻ پوکيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ٻيلي کاتي جي 2004 ۽ 2005 ۾  زمينن جي ڪيل ليزز ڪينسل ڪيون ويون آھن ۽ سنڌ حڪومت اُها لکين ايڪڙ زمين خالي ڪرائي اتي هاڻي ٻيلا بحال ڪري ٻٻر، نم ۽ هتانجي مقامي وڻن کي پوکيو پيو وڃي.

Syed Nasir Shah handed over boats to Forest department

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جي ٻيلن کي هٿي وٺرائڻ ۽ شهرن ۾ ٻيلا قائم ڪرڻ بابت پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو جيڪو ويزن آهي اُن تي پورو ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سندس ڪابينا، مون سميت سڄي ٻيلي کاتي جي انتظامي مشينري جي ڪوشش آهي ته هر جڳهه تي  سرسبز سنڌ پروگرام کي وڌ کان وڌ هٿي ملي سگهي ته جيئن هر هنڌ ساوڪ ئي ساوڪ هُجي، جڏهن ته گرين پاڪستان پروگرام تحت به اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سکر شهر سميت ٻين علائقن ۾ ٻيلن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ بيوٽيفڪيشن منصوبن تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي، ان سڄي وهنوار ۾ سول سوسائٽي ۽ عام ماڻهو ڪردار به اهم آهي جيسيتائين ڪميونٽي اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم نه ڪندي تيسيتائين وڏي ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهندي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه 500 مڻن کان وڌيڪ ٻٻر جا ٻج گڏ ڪندڙ ٻيلي کاتي جي ملازمن رحيم بخش چاچڙ (200 مڻ)، عبدالطيف ڊرگهه (100 مڻ) ۽ انور علي ڪورائي (70 مڻ) کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ ڏنا، جڏهن ته صوبائي وزير ڪچي جي علائقن ۾ وڻ پوکڻ لاءِ 14 ٻيڙيون فاريسٽ ڊويزن جي آفيسرن حوالي ڪيون. تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي اطلاعات، ٻيلي کاتي ۽ مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته قبضا خالي ڪرائڻ ۾ اسان مڪمل سهڪار ڪنداسين. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ٻيلي کاتي جون لکين ايڪڙ زمين قبضي هيٺ زمينون خالي ڪرايون ويون آهن ڪجهه علائقا بچيل آهن جن تي آپريشن جاري آهي هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين ادارن جو ٿورائتو آهي جن ڀرپور سهڪار ڪيو جنهنڪري قبضا گيرن کي اسٽي نه پيو ملي، خالي ڪرايل زمينن تي ٻوٽا پوکيا پيا وڃن جنهن ۾ تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي. تقريب ۾ بريفنگ ڏيندي چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ سنڌ ڊاڪٽر عبدالجبار قاضي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي ٻيلي کاتي پاران 2021ع کي ٻيلن جي بحاليءَ واري سال طور ملهايو پيو وڃي، ٻيلا زندگي آهن، 18 لک لاڳت سان 14 ٻيڙيون خريد ڪري ڊويزنن کي ڏنيون پيون وڃن، جن جي مدد سان وڻ جي ٻج جي ڇٽ ڪئي ويندي. تقريب ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن سکر جھانگير ابڙو،ڊپٽي ڪمشنر سکر جاويد احمد،  ڪنزرويٽر فاريسٽ سليم وسطڙو، ڊي ايف او مقصود ميمڻ، ڊي ايف اوز ضياد الله لغاري، عبدالحق شر، رفيق احمد ماڪو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ٻيلي کاتي سنڌ پاران ڏنل وڌيڪ معلومات مطابق مياڻي فاريسٽ ۾ سال جي شروعات ۾ 365 ٻوٽا پوکيا ويا، 15 مارچ 2021 تي حيدرآباد جي ھٽڙي واري ھنڌ  تي ميگا ايونٽ ۾ هڪ لک ٻوٽا پوکيا ويا، انهئ ريت سڄي صوبي ۾ 1305405 ٻوٽا ورلڊ فاريسٽ ڊي جي حوالي سان پوکيا ويا، کاتي پاران مليل ڄاڻ موجب 75 سيڪڙو قبضي هيٺ زمين خالي ڪرائي وئي آهي. سنڌ درياءِ جو 28517 ايڪڙ علائقو ٻيهر آباد ڪيو ويو، 5090 ايڪڙ آباد علائقي ۾ وڻڪاري ڪئي وئي، ان کان علاوو ٽريڪٽرس، واٽر ٽينڪرس، 14 ٻيڙيون، 33 لانڍيون پڻ اڏيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو