دريائن ۾ لاٿ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ

ڪشمور(جي ايم کوسو) دريائن جي وهڪرن ۾ گهٽتائي سبب سنڌ کي گهرج کان 47 سيڪڙو گهٽ پاڻي جي فراهمي ٿي رهي آهي. جنهن سبب اڄ به گڊوبيئراج تي پاڻي جي وھڪري ۾ تيزي نه اچي سگھي آهي. درياھي وھڪرن ۾ لاٿ سبب پاڻي جي صورٿحال خراب ٿي وئي آهي. اڄ منجهند 12 وڳي گڊوبئراج تي مٿانھون وھڪرو 85000 ۽ ھيٺانھون وھڪرو 69085 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو. ان حساب سان گڊوبئيراج تي پاڻي جو ذخيرو 16000ڪيوسڪس آھي. گھوٽڪي فيڊر جي گھرج 25000ڪيوسڪس آھي جڏھن ته گھوٽڪي فيڊر ھن وقت 11000ڪيوسڪس تي ھلي ٿو، جڏھن ته بلوچستان کوٽ کان آجو ھجڻ باوجود سندس گھرج 22000 ڪيوسڪس آھي پر پٽ فيڊر ذريعي بلوچستان کي 5000 ڪيوسڪس پاڻي ملي رهيو آهي. ھوڏانھن تونسه بيراج وٽان ھيٺانھون وھڪرو 106000ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏھن ته پنجندھيڊ وٽان سنڌو دريا ۾ 8481 ڪيوسڪس ڇوڙ ڪيو ويو ۽ ان حساب سان 29000ڪيوسڪس پاڻي گم آھي. گڊوبئيراج جي انجنيئر غلام مصطفي مھر ٻڌايو ته پاڻي جي فراهمي ۾ رات تائين بھتري ٿي ويندي. ھن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي کوٽ ھن وقت 47 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي آھي. ھن ٻڌايو ته منگلا ۽ تربيلا ڊيم ۽ ڪابل نندي مان پاڻي جو ڇوڙ ۾ گھٽتائي اچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو