درويش گونگي ناري سان لڄا لٽ جو حيواني واقعو، 2 گرفتار هڪ فرار

سيٺارجا(خصوصي رپوروٽ سجاد علي ڪٻر) پيروسڻ لڳ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش ٽن وحشي جوابدارن پاران 16 سالا گونگيءَ ۽ درويش صفت ڪنواري نينگريءَ سان ڪيترن ئي مھينن تائين جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جو انڪشاف، نينگري جي اميدواري سان ٿيڻ ۽ ٻار ضايع ٿيڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي. ڳوٺ چنيسر جروار ۾ بي رحم،ظالم جوابدارن پاران 16 سالن جي گونگي،درويش نينگريءَ شبانہ ڌيءَ الھوڌايو جروار سان مختلف طريقن سان ڪيترن ئي مھينن کان جنسي زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان ڏس ۾ ورتل ڄاڻ موجب  اھڙي خبر درويش نياڻي جي امڙ مسمات نصيبان ۽ ٻين گھرڀاتين کي پئي تہ انهن پنھنجي برادري جي چڱن مڙسن کي اهڙي دانهن ڏني پر کين انصاف نہ ملڻ تي هنن پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي خيرپور وٽ پھچي کيس کي اهڙي ظلم جي دانهن ڏني ۽ انصاف جي گھر ڪئي جنھن تي ايس ايس پي خيرپور عمرطفيل اھڙي واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي پيروسڻ ٿاڻي تي وحشي جوابدارن خلاف  ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتارڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو جنھن بعد پيروسڻ پوليس نينگريءَ جي امڙ نصيبان جروار جي فرياد تي  جوابدارن امتياز علي،احسان علي ۽ فيصل جروار تي ڪيس داخل ڪري مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي 2  نامزد جوابدار امتياز علي ۽ احسان علي جروار کي گرفتار ڪري کين نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته ٽيون جوابدار فرار ٿي ويو آهي متاثر نينگري جي وارثن پاران پوليس وٽ داخل ڪرايل ڪيس ۾ اهو پڻ انڪشاف ڪيو آهي ته مسلسل ڏاڍائي جو شڪار سندن درويش صفت گونگي نياڻي جوابدارن جي اهڙي ڪڌي عمل سبب پيٽ سان پڻ ٿي وئي هئي جنهن کي اسپتال کڻائي وڃڻ دوران سندس پيٽ ۾ موجود ٻار ضايع ٿي ويو هنن جو چوڻ هيو ته جوابدارن انسانيت جا ليڪا لتاڙي اسان جي نياڻي سان وڏو ظلم ڪيو آهي جن کي عبرت ناڪ سزا ملڻ گھرجي ٻئي طرف ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نينگري جو ميڊيڪل نه ٿي سگھيو هيو جنهن بابت پيروسڻ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سڀاڻي ( اڄ ) متاثر نينگري جو ميڊيڪل ڪرايو ويندو ۽ هن واقعي بابت تفصيلي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو