دبئي ۾ سنڌين جو ثقافتي ڪٺ، راڳ رنگ جي شاندار محفل

ڪراچي(ويب ديسڪ)گڏيل عرب امارات ۾ سنڌ فرينڊس فورم  دبئي جي شيخ راشد آڊيٽوريم ۾ هزارين سنڌين کي گڏ ڪري شاندار سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو. سنڌ فرينڊس فورم پاران ملهايل ثقافتي ڏهاڙي واري تقريب جي ميزباني سجاد سهاڳ ڪئي ۽ آجياڻو فورم جي ڪنوينر بشير آريسر پاران ڏنو ويو. آجياڻي ۾ بشير آريسر پروگرام ۾ شريڪ سمورن سنڌ مان آيل آرٽسٽن، مهمانن، ۽ گڏيل عرب امارات جي سمورن رياستن مان آيل سنڌين کي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ اسپانسرز جا ٿورا مڃيا. ھن شاندار تقريب ۾ فيمليز جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ٻارڙن ۾ گفٽ پڻ ورهايا ويا.

Sindh culture Day in UAE

تقريب ۾ خصوصي مهمان طور گڏيل عرب امارات جي مشهور ڪاروباري شخصيت محترم سهيل محمد زروني ۽ ٻيون ڪاروباري سماجي شخصيتون ڊاڪٽر رام بخشاڻي، دادا واسو شيروف، سنڌ مان آيل ڪالم نگار ۽ اديب ڊاڪٽر برڪت نوناري، نثار کوکر ۽ آشا چاند سميت ڪيترن ئي ڪاروباري ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. ھن ثقافتي تقريب ۾ سنڌ مان آيل آرٽسٽن اسلم فقير، سڪندر فقير، ساجد فقير، مسرور فقير، ضامن علي، ريشما پروين ۽ نجف علي بهترين راڳ ڇيڙي پروگرام ۾ شريڪ هزارين سنڌين کي جهومائي ڇڏيو. جڏھن ته مزاح جي دنيا جي بادشاهن آصف پھوڙ عرف گامون، حيدر قادري ۽ اصغر کوسو جي مزاحن تي سموري آڊيٽوريم ۾ ٽهڪ گونجندا رھيا.

Sindh Culture Day in UAE

پروگرام جي مکيه اسپانسرز حمزا بلڊرز ۽ سڪسٿ بوليورڊ پاران پروگرام ۾ شريڪ سنڌين ۾ گفٽ پڻ ورهايا ويا. عاليشان تقريب ۾ گڏيل عرب امارات جي 50هين سالگرهه جو ڪيڪ خاص مهمان سهيل محمد زروني کان ڪٽرايو ويو. ثقافتي ڏهاڙي واري تقريب ۾ شريڪ خاص مهمانن کي سندن مختلف شعبن ۾ سنڌ لاءِ ڪيل ڪارڪردگي کي ساراھيندي  شيلڊون ڏنيون ويون ۽ سنڌي ثقافت جي نشاني اجرڪ پڻ اوڍايا ويا. پروگرام جي آرگنائيزرس پدم وير، فھد ابڙو ،جاويد ڪوريجو، وقار شاھ، سھيل ابڙو. مالڪ سومرو، چتر وير ۽ ٻين پاران انتظامي ڪميٽي جا بهترين فرض سرانجام ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو