داوڙ ۽ وزير کي گهرايو، هنن کانسواءِ بجٽ جي منظوري ڌانڌلي هوندي،بلاول

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري اسپيڪر کان مطالبو ڪيو آهي ته محسن داوڙ ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري کين بجٽ اجلاس ۾ گهرايو. هنن کي گهرائڻ کانسواءِ جيڪڏهن بجٽ منظور ڪئي ته اها ڌانڌلي بجٽ هوندي. اسپيڪر کيس چيو ته هو قانون واري وزارت سان مشورو ڪري رهيو آهي، بلاول کيس چيو ته وزارت جي مسوري جي ضرورت ناهي اوهين ايوان جا رکوالا آهيو آرڊر جاري ڪريو. بجٽ تقرير دوران 10 سالن جي قرضن جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن بابت بلاول به سابق وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي موقف جي تائيد ڪندي سوال اٿاريو ته جيڪي ادارا ايوان جي ماتحت آهن، اُهي ڪيئن هن ايوان کان حساب وٺي سگهن ٿا؟ هن چيو ته ٻڌو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر ”سليڪٽيڊ“ لفظ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، اُها وزيراعظم جي انا جي ڪري لڳائي وئي آهي، توهان ۽ مون اها نئين تاريخ لکي آهي، منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي طرفان ڳالهايل لفظ کي حذف ڪيو ويو آهي. حڪمران سمجهن ٿا ته سينسرشپ سان ماحول بهتر ٿي ويندو، توهان جيڪي فيصلا ڪري رهيا آهيو، اُهي ٻرنديءَ تي تيل هارڻ برابر آهن. بلاول ڀٽو چيو ته ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهيو؟ ڇا ڪو شرم آهي جو اسان جون بهترين اسپتالون وفاق کڻي ورتيون، وري جڏهن اسپتالون ڪنٽرول ۾ رکيون ته گهٽ ۾ گهٽ بجيٽ رکڻ جو شرم ته ڪريو ها. هن چيو ته جڏهن کان خان آيو آهي، ملڪي معيشت بدترين ٿيندي پئي وڃي، نئين پاڪستان ۾ امير کي رليف ڏئي غريب تي ٽئڪس لڳايو ويو، ڦورن ۽ لُٽيرن لاءِ ايمنسٽي اسڪيم آندي وئي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت اپوزيشن جي سياست ڪندي ته پوءِ حڪومت ڪير ڪندو؟ بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته ٻٽي پاليسي بند ڪريو ۽ بجيٽ واپس وٺو، حڪومت نيب گردي ذريعي معيشت کي نقصان پهچائي رهي آهي، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ملڪي معيشت کي داءُ تي لڳايو ويو، حڪمرانن واعدو هڪ پاڪستان جو ڪيو، پر هڪ جي بدران 2 پاڪستان ڏئي ڇڏيا، اُهي ڪهڙي منهن سان قرضن جو حساب گهري رهيا آهن، پهرين هن قرض جو ته حساب ڏين جيڪو آءِ ايم ايف کان ورتو اٿن. نئين پاڪستان ۾ ڪير به آزاد ناهي، نه عوام، نه ميڊيا ۽ نه ئي سياستدان، نئون پاڪستان سينسرڊ پاڪستان آهي، اُهو اسان کي منظور ناهي. هن چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته الطاف حسين جي پرڏيهي فنڊنگ حرام آهي ۽ عمران خان جي پرڏيهي فنڊنگ حلال آهي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته نئون پاڪستان واپس وٺو، قائد اعظم جو پاڪستان ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو