داعش سان تعلق، آمريڪا ۾ پاڪستاني ڊاڪٽر گرفتار

واشنگٽن(ويب ديسڪ) آمريڪي اداري ايف بي آءِ داعش سان همدردي رکندڙ پاڪستاني ڊاڪٽر محمد مسعود کي دهشتگردي جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. 28 سالن جو ڊاڪٽر لاهور جي ميواسپتال ۾ به رهي چڪو آهي. ايف بي آءِ جي ايجنٽن ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو ته هن شام ۾ وڃي داعش سان گڏ وڙهڻ ۽ آمريڪا م دهشتگردي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. آمريڪي رياست منيسوٽا جي پوليس هن کي سينٽ پال ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو آهي. هن ابتدائي جاچ دوران اقرار ڪيو ته جن ايجنٽن سان هن ڳالهيون ڪيون کين داعش جو ماڻهو سمجهي حال احوال ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو