داعش حملا نه روڪيا ته کين منهن ڏينداسين، ذبيح الله مجاهد

ڪابل(ويب ڊيسڪ) اميرڪي صدر پاران افغانستان مان غير ملڪي فوج جي نڪرڻ جي مقرر ڪيل ڊيڊ لائن جو آخري ڏينهن آهي ۽ طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد اميد ظاهر ڪئي آهي ته اڄ پرڏيهي فوج نڪري ويندي. فرانسيسي خابرو اداري اَي ايف پي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو آهي ته اميد ته داعش پرڏيهي فوج جي انخلا بعد اسلامي حڪومت خلاف حملا نه ڪندا ۽ جيڪڏهن پوءِ به حملا جاري رهيا ته اسين کين منهن ڏيڻ جي سگهه رکون ٿا. هن افغان نوجوان جيڪي داعش سان سلهاڙيل آهن تن کي صلاح ڏني ته هو اسلامي حڪومت جي قيام بعد پاڻ کي انهن کان الڳ ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اميرڪي فوج کي افغانستان ۾ ڊرون حملا نه ڪرڻ گهرجن ۽ اسانجي ملڪ جي سالميت ۽ آزادي جو احترام ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته گذريل آچر ۽ سومر تي لڳاتار ٻن ڏينهن ۾ اميرڪي فوج ٻه ڊرون حملا ڪيا جن ۾ 19 ماڻهو مارجي ويا هئا. پينٽاگون موجب هنن داعش کي نشانو بڻايو پر مقامي ذريعن موجب مارجي ويل سويلين هئا جن ۾ 6 ٻار به شامل آهن. مجاهد جو چوڻ آهي ته اميرڪي فوج جي مڪمل نڪرڻ تائين طالبان حڪومت جو اعلان نه ڪندا، هي ٽيڪنيڪل مسئلو آهي اسين صدر سان مشاورت ڪريون پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو