داسو واقعي ۾ ڀارت ۽ افغانستان جا ڳجها ادارا ملوث آهن، قريشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي خيبر پختونخواهه جي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جاويد اقبال سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته داسو حملو خود ڪش هو، خود ڪش بمبار افغاني هو، افگھانستان ۽ ڀارت جي  ڳجهن ادارن سازش جوڙي ڀاشا ڊيم جي سائيٽ کي اڏائڻ جو منصوبو هو ان ۾ ناڪام سبب داسو ڌماڪو ڪيو ويو. هنن چيو ته بارود سان ڀريل گاڏي چمن بارڊر تان اسمگل ٿي سوات ۾ حسين نالي شخص وٽ پهتي، جيڪا سندس پٽن موجب هن غار ۾ ڊمپ ڪئي هئي ۽ 7 جولاءِ تي حملي آورن حوالي ڪئي. افغانستان مان طارق نالي ٽي ٽي پي جو همراهه پاڪستان آيو ڌماڪو ڪرائي واپس هليو ويو، اسين افغانستان کان کيس پاڪستان حوالي ڪرڻ لاءِ چيو آهي. اياز ۽ حسين نالي ملزمن سميت پاڪستان ۾ موجود سمورن سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو آهي.1400 سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو500 جي بي ڊيٽا جو معائنو ڪرن ۽ 90 شڪي ماڻهن جا انٽرويو ڪيا.خالد نالي خودڪش بمبار جي آگر ۽ آڱوٺو مليا جنهن جو رڪارڊ نادرا ۾ ناهي. اسين چين کي آگاهه ڪيو آهي اميد ته افغانستان جي حڪومت تعاون ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو