داروغي جو ڊائريڪٽر سيڊا خلاف تشدد جو الزام، انصاف جي اپيل

پنوعاقل(ن س) پنوعاقل جي گهوٽڪي فيڊر آر ڊي 373 تي مقرر ٿيل داروغي منٺارعلي عالماڻي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته ڊائريڪٽر سيڊا ياسين قريشي مونکي آر ڊي 352 تي اهو چئي گهرايو ته انجنيئر آغا فيض ٿو ڳالھايان، جڏهن آئون پهتس ته سيڊا ڊائريڪٽر پنهنجي ساٿين سان ملي ڪري رسن سان ٻڌي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته ڊائريڪٽر سيڊا ياسين قريشي مونکي صرف ۽ صرف ان ڪري تشدد جو نشانو بڻايو جو مون مٽي چوري وڪرو ۽ وڻن جي واڍي بابت صحافين کي ٻڌايو هو. جنهن تي ڪاوڙ۾ اچي مونکي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته آئون گذريل 30 سالن کان وڌيڪ سرورس ڪئي آهي سرڪار لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. هن چيف جسٽس آف پاڪستان وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيوته نوٽيس وٺي مونکي انصاف فرام ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو