داد لغاري لڳ پراسرار نموني عورت قتل

داد لغاري(نديم مهر) نٿو گبول ڳوٺ ۾ ننڊ ستل پرڻيل عورت شبيران گبول کي اڻڃاتل ماڻھن بندوق ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال ميرپورماٿيلو پھچايو آھي جتي عورت جي ڀاء اصغر گبول ۽ چاچي ڀاڳيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ عورت کي مڙس قتل ڪيو آھي. ھوڏانھن مقتولا جي مڙس نيڪ محمد جو چوڻ آھي تہ فائر جي آواز تي اٿيا سين گھر واري فوت ٿيڻ کان اڳ ٻڌايو تہ جوابدارن شاھد، احسان ۽ نظير گبول قتل ڪيو آھي. پوليس جاچ ڪري رهي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ موجب شبيران کي سندس .پهاج سميعه گبول جيڪا هن جي مڙس جي پهرين گهرواري هئي تنهن قتل ڪيو آهي. پوليس موجب ان عورت خون جي قبولداري ڪئي آهي ۽ ٻڌايو ته ڏير طوطو گبول جي چوڻ تي هن ائين ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو