دادو ۾ پيش آيل ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 3 فوت 3 زخمي

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)ڌار ڌار پيش آيل ٻن واقعن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 ٻيا زخمي ٿي پيا. پهرين واقعي ۾ موندر ناڪو واري علائقي جي مک روڊ تي موٽر سائيڪلن جي ريس ۽ ون ويلينگ جي نتيجي ۾ 2 موٽر سائيڪلن جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار 13 سالا نينگر رحمان ملاح ۽ 14 سالا نعمان پنهور سخت زخمي ٿي پيا جن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال دادو آندو ويو جتان وڌيڪ علاج لاءِ سيوهڻ نيو ويو جتي نوجوان رحمان ملاح زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته نعمان پنهور جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ٻيو واقعو ڳوٺ محمد گرماڻي لنڪ روڊ تي ڪار ۽ رڪشا ۾ تيز رفتاري سبب ٽڪر ٿيو، رڪشا ۾ ويٺل مسافرن مان 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 2 مسافر زخمي ٿي پيا فوتين ۾ ڳوٺ مراد خشڪ جا رهواسي عبدالمجيد ۽ ديدار خشڪ شامل آهن.

Photo Sindhyar

جڏهن ته زخمين ۾ هڪ عورت زاهده پروين خشڪ ۽ فياض خشڪ ٻڌايا وڃن ٿا فوتين ۽ زخمين کي سول اسپتال دادو آندو ويو خداآباد پوليس حادثو ڪندڙ ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي فوتين جو اطلاع ملڻ تي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو