دادو ۾ روڊ حادثو 4 ڄڻا فوت

دادو(ن س) دادو ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. چودڳي ڀرسان صبح سوير باک ڦٽيءَ مهل تيز رفتار مزدا بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد واسي ضمير راجپوت، لاڙڪاڻي واسي بشير احمد ڪيهر ۽ رستم ميراڻي سوڌو  ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته 10 ويلر ٽرڪ جيڪا خراب ٿي پئي هئي ۽ ڊرائيوران کي ٺيڪ ڪري رهيا هئا ته پٺيان ايندڙ تيز رفتار مزدا کيس ٽڪر هنيو. پوليس موجب فوتين ۾ ٽرڪ ڊرائيور، مزدا جو ڊرائيور ۽ ڪلينر به شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو