دادو دوزخ بڻيل، 30 ڪلاڪن کان بجلي بند

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ۾ گذريل 30 ڪلاڪن کان بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي، ڪاروبار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي،سخت گرمي سبب ماڻهو تڙپڻ لڳا اسڪولن جي حاضري گهٽجي وئي دادو ضلع ۾ گذريل ڏينهن صبح 6 بجي کان بند پيل بجلي 30 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي جي پڻ شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، هوڏانهن سيپڪو انتظاميا جو چوڻ آهي 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي ٿي آهي جنهن لاءِ سکر مان ٽيڪنيڪل عملو پهتو آهي جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي، سيپڪو انتظاميا موجب بجلي بحال ڪرڻ اسان جي هٿ ۾ نه آهي گرڊ اسٽيشن تي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ئي بجلي بحال ٿيندي، گرڊ اسٽيشن ۾ فالٽ سبب دادو ضلعي جا 24 کان وڌيڪ فيڊر گذريل ڏينهن صبح 6 بجي کان مڪمل طور بند پيل آهن، ضلع جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ميهڙ ڪي اين شاھ سيتا دادو سميت سوين ڳوٺن جي بجلي بند آهي جڏهن ته متبادل ذريعن کان هر 4 ڪلاڪن کان پو۽ اڌ ڪلاڪ سپلاءِ ڏئي وري بند ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو