دادو جي شاپنگ سينٽر کي باهه، ڪروڙ ين روپين جو نقصان

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو شهر جي مک ڪاروباري مرڪز المدينه شاپنگ سينٽر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي.نتيجي ۾ شاپنگ سينٽر جي 16 دڪانن کي باهه جي شعلن پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ دڪانن ۾ پيل سامان سڙي رک ٿي ويو. دڪان مالڪن جو نقصان 20 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو. باهه گذريل رات دير سان هڪ ۽ ٻي وڳي ڌاري لڳي باهه سبب چوڪيدار پاران مارڪيٽ جي دڪاندارن کي اطلاع ڏنو ويو.باهه وسائڻ جي لاء شهري پڻ پهچي ويا جڏهن ته دادو ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه باهه وسائڻ لاء فائربرگيڊ موڪلي جيڪا باهه تي ضابطو نه آڻي سگهي ان ڪري ڊپٽي ڪمشنر دادو سميع الله نثار شيخ ٻين ضلعن ڄامشورو ۽ نوشهروفيروز مان فائربرگيڊ گاڏيون گهرائي ورتيون پوء گڏيل طور تي باهه کي وسائڻ لاء فائربرگيڊ عملي ۽ شهرين 5 ڪلاڪن تائين باهه تي ضابطو آندو،جڏهن ته پ پ پ ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق، ڊپٽي ڪمشنر دادو سميع الله نثار شيخ . ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ، سي ايم او دادو ممتاز انڙ، پ پ پ اڳواڻ خالد ميراڻي، چئيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز دادو جي صدر زبير احمد ڀرٽ، حاجي غلام قادر سولنگي، ۽ ٻين اڳواڻن مختيارڪار دادو سيد عابد شاهه سميت شهرين جي وڏي انگ باهه متاثر شاپنگ سينٽر جو دورو ڪيو ڊپٽي ڪمشنر دادو متاثر دڪاندارن غلام مرتضيٰ بروهي،علي نواز چنه، خادم خاصخصيلي،محمد خان پنهور، اياز شيخ، منور لغاري،ذوالفقار ملاح،شاهد ملاح،خادم حسين قمبراڻي. ساجد جمالي. استاد شمن درزي. رياض وگهيو، ارشاد سومرو، شاپنگ سينٽر جي مالڪ غلام حيدر جمالي ۽ ٻين متاثرين کي خاطري ڪرائي ته سندن نقصان جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. چئيمبر آف ڪامرس جي ضلع صدر زبير احمد ڀرٽ پڻ چيو ته متاثر دڪاندارن جي نقصان جو ڪاٿو لڳائي انهن جي مدد لاء سمورا وسيلا ڪتب  آڻينداسين.هنن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته دادو ۾ باهه متاثر دڪاندارن جي سرڪاري سطح تي مالي مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو