دادلي سرڪار جي ميلي ۾ صوفي فنڪارن ماڻهو جهومائي ڇڏيا

صوڀوديرو (مظهر نعمت علي منڱڻيجو) مشهور درگاھ صوفي بزرگ حضرت دائود شاھ جهانيان عرف دادلي سرڪار جي ميلي جي اڄ ٻئي ڌمال ٿي گذري. ان موقعي تي هڪ سدا بهار ميلو لڳايو ويو آهي جنهن ۾ مٺاين، مڃهار جا دڪان سينگاري رنگ به رنگين بازارون قائم ڪيو ويون آهن هن ميلي ۾ چوڏيلون، ڦرڻيون، چڙيا گهر، مشهور سنڌي ڊرامي مشڪرن جي ڳوٺ جا اداڪارن پاران کل ڀوڳ چرچن جو پروگرام ڪرڻ سميت ٻيا ڪيترائي ماڻهن جي تفريح لاءِ شو لڳي ويا آهن جڏهن ته درگاھ دائود عرف دادلي سرڪار جي ميلي جي موقعي تي راڳ رنگ جون محفلون پڻ متل ماڻهو خوب لطف اندوز ٿيڻ لڳا.

photo: sindhyar

ميلي ۾ صوفي فنڪارن فقير امان الله شيخ، رحمان علي ميراڻي ۽ سندس ساٿي,مختيار شيدي جو شاگرد غلام قادر دايو ۽ سندس ساٿي ۽ ٻين صوفي فنڪارن سڄي رات راڳ رنگ جي محفل مچائي محفل ۾ ويٺل ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو. ميلي ۾ خيرپور، نوشھروفيروز، لاڙڪاڻي ضلعن جي عقيدتمندن سميت سنڌ ۽ پنجاب کان آيل پانڌيئڙن جي وڏي رش متل آهي. ان موقعي تي ميلي ڪميٽي جي اڳواڻن سيٺ رحمت علي چنا، رحمت لڪ ۽ برڪت علي چنا صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھي ميلو لڳاتار چار ڏينهن ھلندو ھن ميلي ۾ دادلي سرڪار جي پانڌيئڙن ۽ ميلي جي شوڪينن جي لڳاتار چئن ڏينهن تائين وڏي رش ھوندي آهي جنهن ڪري ھن ميلي کي چار پنج ڏينهن لڳاتار ھلائڻو پوندو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو