دائمي بيمارين جو مصنوعي نيورونز چِپ ذريعي علاج دريافت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن ڪرنگهي جي هڏي، دل ۽ ياداشت ختم ٿيڻ جهڙين خطرناڪ ۽ دائمي بيمارين جي علاج لاءِ سليڪان جي چِپ تي مصنوعي نيورون تيار ڪري ورتا آهن. هي مصنوعي نيورون اصل نيورون جيان ڪم ڪن ٿا ۽ هي ميڊيڪل جي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب آهي. لنڊن جي ٻن يونيورسٽيز برسٽل ۽ باٿ يونيورسٽي، زيورخ ۽ آڪلينڊ يونيورسٽيز جي ماهرن گڏيل تحقيق دوران هي مصنوعي نيورونز متاثره شخص جي جسم ۾ لڳايا ويندا.

مثال طور ڪنهن شخص کي ڪرنگهي جي هڏي م زخم ٿئي ٿو ۽ قدرتي نيورونز ڪم نٿا ڪن ته ان جي جاءِ تي مصنوعي نيورونز لڳائڻ سان انسان نارمل ٿي ويندو. باٿ يونيورسٽي جي پروفيسر ۽سائنسدانن جي ٽيم جي سربراهه علين نيگوريٽ جو چوڻ آهي ته هي هڪ بليڪ باڪس جيان هئا جن کي اسين کولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون ۽ هڪ منٽ اندر هي ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا. هنن جي خاص ڳالهه اها آهي ته اسين انهن نيورونز کي مختلف بيمارين جي لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ ڪيل تجربن ۾ مڪمل طور تي ڪامياب نتيجا مليا آهن جيڪو هڪ وڏو بريڪ ٿرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو