خيبرپختونخواهه جي آءِ جي تي حملي جي رٿا بندي جو انڪشاف

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي پوليس سربراهه ثناءُ الله عباسي تي دهشتگردن جي حملي جي رٿا بندي کان کيس آگاهه ڪيو ويو آحي. جنهن بعد هن پنهنجي چر پر محدود ڪندي سيڪورٽي وڌائي ڇڏي آهي. ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنهنجي اسپيشل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پابندي مڙهيل جماعت الاحرار جا شدت پسند آءِ جي آفيس ۾ مٿس حملو ڪرڻ جي رٿا بند ي ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو