خوفناڪ روڊ حادثي ۾ هڪ ئي گهر جا 4 فوت 4 زخمي

ڪشمور (جي ايم کوسو) انڊس ھاءِ وي تي ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل رڪشه ۾ خو فناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾گھوٽڪي واسي4 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ 4 ٻيا خطمي ٿي پيا. ڪشمور پوليس موقعي تي پھچي ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو . پوليس فوتين جا مڙھ ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ڪشمور پھچايو. فوتي ۽ زخمي ھڪئي خاندان جا ھئا فوتين ۾ رضامحمد شيخ، بگن شيخ، فضل الرحمان شيخ ۽ مسمات ظھران شيخ  شامل آهن. جڏھن ته زخمين ۾ مريم، اياز احمد، ظفر حسين، ۽ مسمات حرمت شامل آهن. حادثو تيز رفتاري جي ڪري پيش آيو ، فوتي ۽ زخمي گھوٽڪي کان رسالدار شادي تي وڃي رھيا ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو