خورشيد شاه ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سيد خورشيد احمد شاهه ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. کين سومر ڏينهن بجيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو مسلسل اسپيڪر تي زور ڀري رهيا هئا ته ٻنهي گرفتار ليڊرن کي ايوان ۾ آڻڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو. ساڳيو مطالبو مسلم ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف لاءِ به ڪيو هو پر هو لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت بعد گذريل هفتي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ٿيو هو. سد خورشيد کي نيب آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ 18 سيپٽمبر 2019 تي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو. سندس ضمانت جي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ رد ڪئي هئي. هن سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخوست ڏني ته عدالت سندس سمورن گهر ڀاتين کي طلب ڪيو ته هن درخواست واپس وٺي ڇڏي. علي وزير کي ڪراچي جي هڪ جلوس ۾ رياستي ادارن خلاف تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 16 ڊسمبر 2020 تي پشاور مان گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو. سندس ضمانت جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ اڻ ڄاتل مدي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو