سکر(بيورو رپورٽ) خورشيد شاھ ۽ سندس ساٿي جوابدارن خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي خورشيد شاھ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. احتساب عدالت ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج اميرعلي مھيسر ڪئي خورشيد شاھ سميت ڪيس ۾ نامزد 17 ڄڻا عدالت ۾ پيش ٿيا صوبائي وزير اويس شاھ جو ڀاءُ جنيد شاھ پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته بار بار طلبي جي باوجود جنيد شاھ پيش ناھي ٿيو جنھن تي جنيد شاھ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايوته هو ملڪ کان ٻاھر آھي ڪرونا وائرس جي ڪري کين فلائيٽ معطل ٿيل آھي جنھن تي عدالت چيو ته کين ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي خورشيد شاھ سميت کين گھر ڀاتين تي نيب طرفان ھڪ ارب 23 ڪروڙن جو ريفرنس داخل ڪيل آھي. *** سکرجي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ 3 سال اڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي رفيق احمد تنيو جي ڪيس تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڪيس جي فيصلي ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن راهب ۽ هدايت الله تنيو کي عمر قيد ۽ ٻن ٻن لکن جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. فيصلي بعد ٻنهي جوابدارن جيل اُماڻيو ويو آهي. واضح رهي ته سال 2017 ۾ سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن رفيق احمد تنيو کي قتل ڪيو هو.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل