خورشيد شاهه خلاف جاچ لاءِ “جي آءِ ٽي” جوڙڻ جو فيصلو؟

اسلام آباد (اياز مهر) قومي احتساب بيورو سيد خورشيد جي آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي جاچ لاءِ “جي آءِ ٽي”  جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن ۾ نيب، ايف آءِ اي ٻين ادارن جا نمائندا به شامل هوندا. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نفيسه شاهه ۽ مولا بش چانڊيو نيب جي ان فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي بدترين انتقام جو مثال آهي ۽ انصاف جي منهن تي چماٽ آهي. 3 مهينا گرفتار رکڻ بعد به ثبوت گڏ نه ڪري سگهيا نه ريفرنس داخل ڪيو ۽ هاڻي نيب چوي ٿي ته ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو