خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست سکر منتقل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي الزام هيٺ گرفتار پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه جي ضمانت واري درخواست ڪارروائي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بئنچ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي آهي. جتي نيب پاران خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪرڻ بابت احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اڳي ئي هڪ درخواست التويٰ ۾ آهي. خورشيد شاهه پاران گذريل جمع ڏينهن داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيب قانون جي خلاف ورزي ڪندي سياسي انتقام لاءِ سيد خورشيد شاهه 18 سال اڳ 2001ع ۾  شروع ڪيل انڪوائري ۾ کيس ٻيهر گرفتار ڪيو آهي. جيڪا انڪوائري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منظوري سان نيب 2014ع ۾ بند ڪري چڪي آهي ڇاڪاڻ ته نيب سيد خورشيد احمد شاهه خلاف ڄاڻايل انڪوائري مڪمل ڪئي ته سندس خلاف ڪو ثبوت نه مليو جنهن جي بنياد تي نيب احتساب عدالت ۾ سيد خورشيد شاهه خلاف ڪارروائي ختم ڪرڻ جي درخواست ڏني پر احتساب عدالت نيب پاران داخل ڪيل ڄاڻايل درخواست رد ڪري ڇڏي. جنهن جي خلاف نيب ۽ سيد خورشيد احمد شاهه ڌار ڌار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ پڻ نيب اهو موقف اختيار ڪيو ته انڪوائري دوران خورشيد احمد شاهه  خلاف ڪنهن به مالي بي ضابطگي ۾ ملوث هجڻ بابت ثبوت نه مليو آهي جڏهن ته سندس ملڪيتون پڻ ايف بي آر ۾ ظاهر ٿيل آهن جنهن جي بنياد تي احتساب عدالت ۾ ڪارروائي ختم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي پر احتساب عدالت قانوني اختيار اورانگهيدي نيب جي اهڙي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن ڪري احتساب عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خورشيد شاهه خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب ۽ سيد خورشيد احمد شاهه پاران احتساب عدالت جي فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواستون منظور ڪندي انڪوائري بند ڪرڻ جي اجازت ڏني پر ان کان پوءِ تازو نيب خورشيد احمد شاهه جي ايف بي آر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وٽ ظاهر ٿيل ملڪيتن جي قيمتن کي وڌيڪ ڏيکاري سيد خورشيد احمد شاهه ۽ سندس گهر وارن سميت 18 ڄڻن خلاف سکر جي احتساب عدالت ۾ عبوري ريفرنس داخل ڪيو آهي جنهن ۾ سندس ملڪيتن جي ماليت 77 ڪروڙ رپيا ڄاڻائيندي چيو آهي ته 2005ع کان هن وقت تائين سيد خورشيد شاهه جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ 45 ڪروڙ رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي جيڪا سندس ظاهر ڪيل آمدني کان وڌيڪ آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ غلط بياني ڪندي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. نيب جن ملڪيتن جي ماليت 77 ڪروڙ رپيا ڄاڻائيندي ريفرنس داخل ڪيو آهي اهي سموريون ملڪيتون ايف بي آر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وٽ ظاهر ٿيل آهي ۽ 45 ڪروڙ رپين جي بئنڪ ٽرانزيڪشن پڻ ايف بي آر ۽ ٻين ادارن ۾ ظاهر ٿيل آهي ۽ اهي ملڪيتون ان وقت به هيون جڏهن نيب سيد خورشيد شاهه خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيب سيد خورشيد احمد شاهه جي ملڪيتن بابت 18 سالن کان انڪوائري ڪرڻ باوجود اڃا تائين عبوري ريفرنس داخل ڪري سگهي آهي جنهن ۾ به نيب بدنيتي هيٺ ملڪيتن جي ماليت وڌيڪ ڄاڻائي آهي. تنهنڪري سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو