خورشيد شاهه جي ضمانت جي درخواست 16 تائين ملتوي

سکر(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب پاران مهلت طلب ڪرڻ تي 16 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جج جسٽس امجد حسين سهتو ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي جي عدالت ۾ ٻڌڻي  ٿي ، ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل پاران عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته ضمانت واري درخواست تي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻي آهي. ان ڪري ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. جنهن تي عدالت ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي16 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ خورشيداحمد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جي الزام هيٺ سندس گھر ڀاتين سميت 18 ڄڻن خلاف هڪ ارب 24 ڪروڙ روپين جو ريفرنس نيب جي عدالت ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو