خورشيد شاهه جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 11 ڏينهن جي واڌ

سکر (امداد علي ڪلوڙ) احستاب عدالت آمدن کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ڪيس ۾ خورشيد شاھ جي  جوڊيشل ريمانڊ ۾ 11 ڏينھن جي واڌ ڪندي 17 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نيب طرفان داخل ريفرنس ۾ نامزد ٿيل خورشيدشاھ سميت  18 جوابدارن کي پڻ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو جڏھن ته نيب طرفان ۾ ريفرنس ڄاڻايل  خورشيد شاھ سميت 18 ڄڻا  جنھن ۾ خورشيد شاھ جون ٻه گھر واريون ٻن پٽن سميت ريفرنس ۾ نامزد ٿيل سڀني جوابدارن جا دستاويزي ثبوت عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا آھن. نيب طرفان داخل ٿيل ريفرنس ۾ خورشيد شاھ خلاف ھڪ ارب 23 ڪروڙ جا اثاثا ڄاڻايا آھن. واضح رهي ته احتساب عدالت 50 لکن جي ضمانت  عيوض خورشيد شاھ کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو ھو جنھن کي نيب جي درخواست تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ احتساب عدالت جي ضمانت واري  فيصلي خلاف داخل درخواست کي 16 جنوري تائين رد ڪندي پيش ٿيڻ جو پڻ حڪم ڏنو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو