خوراڪ کاتي ۽ واپارين جي ملي ڀڳت سان اٽي جي اگهه ۾ واڌ

نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ضلعي نوشهروفيروز ۾ اٽي جا اگهه گهٽجي نه سگهيا جڏهن ته خوراڪ کاتو اٽي جا سستا اسٽال لڳائڻ بجاءِ واپارين سان ملي ڀڳت ڪري اٽي جي اگهن ۾ هٿرادو طور تي رڪارڊ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري اٽي جو في ڪلو جيڪو سرڪاري اگهه مطابق 41.83 روپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ گهرجي اهو هاڻي مارڪيٽ ۾ 65 کان 70 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن ڪري غريب پورهيت طبقو اٽي لپ لاءِ پريشان آهن. ان سلسلي ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته 18-2017ع ۾ موجوده ڊي ايف سي جڏهن ڀريا روڊ سينٽر تي ڊي ايف سي هو ان وقت پيل ڪڻڪ 10 هزار ٻوريون ان وقت خراب ٿي اٽو ٿي ويون هيون پر ڊي ايف سي وقت اها ڪڻڪ نيڪال نه ڪئي جنهن ڪري خوراڪ کاتي کي ڪروڙين روپيا نقصان پهتو، هن وقت تائين ڊي ايف سي اشرف ڪيريو خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي الٽو کيس ڊي ايف سي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن اچڻ شرط گودامن تان ڪڻڪ بغير ڪوٽا جي ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏي آهي اٽي چڪين ۽ فلورملن جو ڪوٽا تي في ٻوري ٽي سئو کان 4 سئو روپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري فلورمل ۽ اٽي چڪي مالڪ اٽي جا اگهه گهٽائڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ۽ ڪٿي به اٽي جي سرڪاري اگهه تي عمل نه ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري غريب ماڻهو اٽو سستو نه ملڻ ڪري سخت پريشان آهن. ٻئي پاسي ڊي ايف سي جي سرپرستيءَ ۾ وڏي پئماني تي ڪڻڪ افغانستان ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن ڪڻڪ اسمگل ٿيڻ ڪري اٽي جو بحران پئدا ٿيڻ سان گڏ اٽي جي اگهن ۾ اضافي جو امڪان وڌي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو