خوراڪ جي کوٽ، مٺي ۾ 4 ٻارڙا فوت، سال ۾ انگ 374 ٿي ويو

مٺي(ن سنڌيار) سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻار فوت ٿي ويا. فوت ٿيندڙ ٻارن ۾ الله ڏنو، شنڪر، ستار ۽ پنجو جو تازو ڄاول ٻار شامل آهن، هلندڙ مھيني فوتي ٻارڙن جو انگ 34 ٿي ويو، جڏهن ته هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو مجموعي انگ 374 ٿي ويو .ٻارڙن جي موت واري واقعن جو سنڌ حڪومت نوٽيس نه ورتو، جڏهن ته ٿرپارڪر جي هيڊڪوارٽر واري شهر مٺي جي سول اسپتال ۽ ٿرپارڪر جي مختلف علائقن جي اسپتالن ۾ دوائن جي اڻهوند سبب مريض سخت پريشان آهن

پهنجو تبصرو موڪليو