خلا ۾ پهرين فلم ٺاهڻ لاءِ روسي ٽيم رواني ٿي وئي

ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روسي ٽيم فلم ”The Challenge“ جي شوٽنگ لاءِ عالمي خلائي اسٽيشن تي رواني ٿي وئي آهي، جيڪڏهن مشن جي ڪاميابي تي روس خلا ۾ فلم ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويندو. فلم ڪِرو ٽن ماڻهن تي ٻڌل آهي جنهن ۾روسي اداڪارا يوليا پيريسلڊ، فلم ڊائريڪٽر ڪم شيپينڪو ۽ مشهور روسي خلاباز نوردانٽن شڪيپليرووف شامل آهن، اهي ٽئي 12 ڏينهن تائين عالمي خلائي اسٽيشن ۾رهندا ۽ فلم جي شوٽنگ ڪندا. اها ڪنهن به ملڪ طرفان پهريون ڀيرو خلا ۾ فلم جي شوٽنگ هوندي. واضح رهي ته ان کان اڳ هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز خلا ۾ فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾هن کي آمريڪي خلائي جاچ اداري ناسا ۽ ايلن مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس جو سهڪار حاصل هو پر ان کان اڳ ئي روس پنهنجي ٽيم خلاف ۾ رواني ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو