دادو(ن سنڌيار) خضدار ۾ مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ دادو واسي 23 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. خضدار اسپتال جي ايم ايس اسماعيل بجوئي 23 فوتين جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته جمعي تي فجر مهل واقعو پيش آيو. مسافر ڪوچ وڊهه کان دادو وڃي رهي هئي ته بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ايم 8 تي کوڙي واري هنڌ حادثو پيش آيو.حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ۽ ليويز اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون آهن. ٻڌايو پيو وڃي. ته دادو جا زائرين 3 ڏينهن اڳ بلوچستان جي درگاهه پير عبدالقادر نقشبندي جي عرس مبارڪ تي ويا هئا. زائرين واپس دادو اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. حادثي ۾ دادو شهر جي سومرا ڪالوني، مرکپور، جوهي جي ڇندڻ موري، ڇنڊڻ ڀرسان گاڏهي ڳوٺ جا رهواسي شامل آهن. خضدار حادثي ۾ جوهي واسي پنج ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي.ڳوٺ خان محمد گاڏهي واسي پنج ڄڻن ۾ حافظ اسد گاڏهي، هاشم گاڏهي، پريل گاڏهي، آصف علي گاڏهي ۽ نظام گاڏهي فوت ٿي ويا آهن. حادثي جي زخمين ۽ لاشن کي ٽيچنگ اسپتال خصدار منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اونڌي ٿي وئي.حادثي ۾ زخمي ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
علامه ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف