خدا وٽ هرڪو پاڻ ذميوار هوندو، ڀاشن بازي نه ڪريو، زرين

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي اداڪارا زرين خان جي هڪ وڊيو اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي. وڊيو ۾ زرين خان کان سندس مداحن پاران ڪيل تنقيد بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي اداڪارا چيو ته مان مسلمان آهيان ان ڪري شايد ماڻهو مون کي وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻائين ٿا۽ چون ٿا ته هوءَ هيئن نه ڪري هونءَ نه ڪري، هيئين ڇو ٿي ڪري رهي؟. زرين خان چيو ته مون پورو قرآن ٻه ڀيرا پڙهيو آهي، مان پنهنجي اسلام کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته اسلام ۾ اهو چيو ويو آهي ته ڪنهن تي دٻاءُ نه وجهو ۽ جبر نه ڪريو. جڏهن توهان الله وٽ ويندا ته توهان پاڻ ذميوار هوندا ۽ مان پنهنجي ڪئي جي پاڻ ذميوار آهيان، پوءِ ڀاشن بازي ڇو آهي، اوهان کي سيکارڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو