عملي کي ڪورونا ڪٽس، اسپتال ۾ وينٽيليٽر نصب

نوشھرو فيروز (منظور ملڪ) سنڌيار ۾ خبر ڇپجڻ کان پوءِ سول اسپتال نوشھرو فيروز جي انتظاميه جاڳي پئي ۽ پنھنجي سمورن ملازمن کي ماسڪ، ڪٽس۽ سينيٽائيزر ۽ ٻيو حفاظتي سامان ڏئي ڇڏيو . ان کان اڳ سنڌيار سميت ميڊيا تي خبرون ھليون ھيون ته سول اسپتال عملو ڪورونا وائرس ۾ بنا احتياط جي ڪم ڪرڻ لڳو آھي حفاظتي ڪٽس ۽ سامان موجود هئڻ باوجود عملي کي فراهم نٿو ڪيو وڃي. ڊاڪٽرن ۽ عملي جو چوڻ هو ته جڏهن هو ئي محفوظ ناهن ته مريض کي محفوظ ڪيئن ڪندا؟. ملازمن چيئرمين ھيلٿ ڪميٽي ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز کي اپيل ڪئي ھئي ته سول سرجن جي ڪيل ناانصافين جو تدارڪ ڪيو وڃي خبر ڇپجڻ کان پوءِ سول سرجن ڊاڪٽر عبدالله تنيو اسپتال جي سموري عملي کي ڪورونا وائرس جي ايمرجنسي ڪٽ ۽ ماسڪ ڏيڻ سان گڏ ڪورونو وائرس جي ٺاھيل وارڊن ۾ وينٽيليٽر لڳائڻ جو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آھي. پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي عھديدارن خادم مستوئي حزب الله  راڄپر، سعود ٻوھيو ۽ اشرف قريشي سنڌ يار اخبار جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان اميد ٿا ڪيون ته آئنده به حق ۽سچ کي اجاگر ڪيو ويندو.ٻئي پاسي ٻن سالن کان پيڪ پيل 10وينٽيليٽرز مشينون به سول اسپتال ۾ آئسوليشن وارڊ ۾ نصب ڪيون ويون جن جو افتتاح پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسمبلي ذوالفقار علي بھڻ ڪيو.

ھي مشينون ٻه سال اڳ اسپتال ۾ آنديون ويون ھيون پر تربيت يافته عملو نه هئڻ ڪري بند پيون هيون. هيئنر ڪورونا جي ڪري ڪراچيءَ مان ماھر ڊاڪٽر کان خدمتون ورتيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو