خبرو هلائڻ تان سنڌيار جي رپورٽر خلاف ڪوڙو ڪيس داخل

ڪراچي(ن سنڌيار)ملير ۾ ايس ايچ او شاهه لطيف اسرار حسين ٻرڙو لينڊگريبرن ۽ منشيات فروشن خلاف خبرون شايع ٿيڻ تي ڏمرجي پيو ٻئي ڌر جي ڪيس ۾ روزاني سنڌ يار ملير جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر شهزادو مستوئي جو نالو شامل ڪري ڇڏيو ايس ايڇ او شاهه لطيف جي اهڙي عمل خلاف صحافين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر احتجاجي تحريڪ جو اعلان پوليس پهچي روايت کان پير پوئتي نه پئي ڪري صحافي شهزادو مستوئي تي داخل ڪوڙي ڪيس جي شفاف جاچ ڪري راشي ايس ايڇ او کي برطرف ڪيو وڃي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافي فاروق ڀنگوار باغي ساگر پهنوار فيروز ڪريو مشتاق گبول ۽ ٻين چيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ايس ايڇ او شاهه لطيف اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جا به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. صحافين آئي جي سنڌ ڊي جي رينجرس ڊي آئي جي ايسٽ ايس ايس ايس ملير سميت اعلي’اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي جاچ ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو