خبرون هلائڻ تي منشيات فروشن جو صحافي کي ڪٽڪو

سڪرنڊ(ن س)  مقامي صحافي ۽ روزاني بينظير ٽائيمز جي رپورٽر علم الدين رند تي منشيات فروش خبرون هلائڻ تي مڇرجي پيا، صحافي تي منشيات فروش قاسم رند جي ڇاڙتن جباررند، پيرل رند ۽ غفار جو صحافي مٿان حملو ڪري کيس ڪٽڪو ڏئي زخمي ڪري وڌو، زخمي صحافي کي تعلقااسپتال پهچايو ويو جڏهن ته سڪرنڊ پوليس جوبدارن خلاف اين سي داخل ڪري ورتي پر گرفتاري نه ٿي، صحافين ۽ ساڃاهه وندن حملي آورن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو ته پوليس منشيات جو خاتمو ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو