خان جي ڪارڪردگي سامهون آهي، بلاول وٽ ڇا آهي؟ حليم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته وزيراسعظم عمران خان ٽن سالن جي ڪارڪردگي عوام آڏو رکي آهي هاڻي بلاول ٻڌائي ته سندس اسڪرين تي ڃا آهي. اهڙو اطهار هن جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته اسين ڪووڊ دوران 260 ارب روپيا غريبن ۾ ورهايا ۽ هر شعبي م بهتري اچي پئي. بلاول جي اسڪرين تي ٿر ۾ مرندڙ ٻار، پاڻي لاءِ بالٽيون کڻي پريشان گهمندڙ عوام، لاڙڪاڻي جا 5 هزار ايڊز جا مريض ۽ ٿر جي تباهه ٿيل آر او پلانٽس کانسواءِ ڪجهه ناهي ڇو ته ڀٽو زنده آهي. هن پيپلز پارٽي تي ڪڙي تنقيد ڪندي چيو ته سڀني صوبن ۾ صحت ڪارڊ ملي رهيا آهن پر سنڌ ۾ عوام انهن کان محروم آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو