خانڳڙهه ٽائون چيئرمين مستعفي، ملازمن جون پگهارون بند

خانپورمهر(ن س) اين اي 205 گهوٽڪي خانڳڙهه تڪ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ سبب ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جو سمورو ڪار وهنوارمعطل ٿي ويو آهي، ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جي چيئرمين احمد علي خان مهر پاران چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جي وائيس چيئرمين توڙي ٽي ايم او خانڳڙهه کي ڊي ڊي او پاور اڃا تائين ملي نه سگهيا آهن، جنهن سبب وائيس چيئرمين ۽ ٽي ايم او هن مهل تائين بي اختيار بڻيل هئڻ ڪري گذريل ٻن مهينن کان ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جي صفائي عملي سميت سمورن ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهيون آهن، پگهارون نه ملڻ سبب ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جا خاندان فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جو سمورو ڪاروهنوار پڻ معطل ٿي ويو آهي، هوڏانهن ان سلسلي ۾ ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جي صفائي عملي ۽ ٻين ملازمن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جي عملي کي پگهارون جاري ڪريو نه ته ٻئي صورت ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪنداسين، ان سلسلي ۾ بار بار رابطو ڪرڻ باوجود ٽي ايم او خانڳڙهه سان رابطو نه ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو