خانپور ۾ زميني تڪرار تان چڱو مڙس قتل، سوڳ ۾ شهر بند

خانپورمهر(حميد سيال) هٿياربندن وچ شهر ۾ ڪاهه ڪري مهر برادري جي چڱي مڙس  وڏيري علي محمد مهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار ڪاروائي ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. ، مقتول جي سوڳ ۾ خانپورمهر شهر بند، پ پ ايم اين ۽ ضلعي چيئرمين سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي آهي. خانپورمهر جي ماڪائي اسٽينڊ محلي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مهر برادري جي چڱي مڙس ۽ خانپورمهر شهر ۾ خانگي چوڪيدارن جي انچارج وڏيري علي محمد مهر کي سندس گهر ٻاهران بندوق جا فائر ڪري موقعي تي ئي قتل ڪري فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول علي محمد مهر شهر جو چڪر لڳائڻ بعد پنهنجي گهر ٻاهران مسجد ۾ ويو ۽ جڏهن واپس وريو ته مين گيٽ تي بيٺل هٿياربندن سيني ۾ سڌا فائر ڪيا. اطلاع باوجود خانپورمهر پوليس بروقت نه پهتي.

محمد بخش خان مرحوم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٽوپي لاهي ميٽ جي کٽ تي رکي.

قتل جي اطلاع تي پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر موقعي تي پهتو رات جو ٽي ڪلاڪ تڏي تي ويٺو رهيو. ايس ايس پي گهوٽڪي به پهتو. تازو ٿيل ننڍي چونڊ ۾ هن محمد بخش خان جي کلي ورڪ ڪئي هئي. اهوئي سبب آهي ته جنازي نماز مهل محمد بخش خان پنهنجي ٽوپي لاهي جنازي واري کٽ تي رکي مرحوم کي مان ڏنو. خانپورمهر شهر مڪمل طرح سان سوڳ ۾ بند ڪيو ويو آهي. جنازي نماز ۾ ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر، علي ڏنو خان ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محمد بخش خان مهر ايس ايڇ او خانپورمهر ذوالفقار مهر کان واقعي بابت ڄاڻ ورتي ۽ قاتلن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي. ٻئي طرف ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر به واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم علي محمد مهر بهترين انسان هيو. ياد رهي مقتول جو پنهنجي ڀاءُ سان زمين تان تڪرار هلندڙ هو ۽ ساڳين جوابدارن سندس 6 سالن جي پوٽي کي 8 مهينا اڳ بيدردي سان ڪهي قتل ڪيو هو. ان ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان علي بخش ۽ عباس گرفتار آهن جڏهن ته مقتول جو ڀاءُ امان الله مهر ۽ سندس پٽ روپوش آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو