خانپور ڪارنهن تڪرار، اتفاقي قتل ۽ چورگرفتار

خانپور(ن س) رحيم آباد ٿاڻي جي حد  ڳوٺ شير خان سومرو ۾ سڱاوتي تڪرار تان سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 4 ڄڻا شھزادو سومرو، سندس ڀاء ولي داد ۽ برادي سومرو سندس ڀاء واحد بخش سومرو زخمي ٿي پيا ٻنھي ڌرين جي زخمين کي الڳ الڳ خانپور اسپتال آندو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي آھي،  ھوڏانھن رحيم آباد پوليس ٻنھي ڌرين جي الڳ الڳ فرياد تي 6 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪري 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. *** رستم ٿاڻي جي حد ۾ 45 ورھين جي  غلام حيدر پٽ قالو دوداڻي جتوئي مبينا گولي لڳڻ سبب قتل، اطلاع  تي رستم  پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال کڻائي آئي ۽ لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن قتل ٿي ويل  جي لاش سان پوسٽ مارٽم جي لاء گڏ آيل وارثن  مسمات سوناري ۽ گل بيگ صحافين سان  ڳالهائيندي ٻڌايو تہ  غلام حيدر جتوئي ڳوٺ کان ٻاهر مال چارڻ ويو هيو ته موٽر سائيڪل تي نامعلوم هٿيار بندن گولي هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڪمالاڻي جتوئي برادري  سان جيهڙو به هلندڙ آهي اسان جو انھن تي شڪ آھي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي رستم پوليس   ٻڌايو تہ 12 ورھين جي پٽ جي ھٿان اتفاقي گولي لڳڻ سبب غلام حيدر دوداڻي جو قتل ٿيو آھي.*** ٻئي واقعي ۾ ڳوٺ دکو ڳڙھي ۾ ڳوٺاڻي عبدالغفار گھڃو جي گھر مان رڙيون ٿيون تہ چور چور ڳوٺاڻن پاران  مبينا طور ھڪ ڄڻي شاھنواز لھر کي چوري جي الزام م پڪڙي خانپور پوليس حوالي ڪري چڏيو آھي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او خانپور مظھر علي ڪنگو ٻڌايو تہ مامري جي جاچ ڪيون پيا چوري جو مامرو نہ ٿو لڳي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو