خانپور واسي 2 ماسان گم، کدڙن سان گڏ وڃڻ جو شڪ

خانپورمھر (ن سنڌيار) ملڪ برادري سان تعلق رکندڙ  ٻه ماسات نوجوان ٽن ڏينھن کان پراسرار نموني گم ٿي ويا، جن جا وارث سخت پريشان آهن. وارثن موجب نوجوان حفيظ الله ملڪ ۽ ممتاز ملڪ ٽي ڏينھن پھريان گھران نڪري ويا جيڪي واپس ناھن آيا، پوليس ۽ انتظاميه ٻنھي نوجوانن جي ڳولا م مدد ڪري. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻه مھينا پھريان به  حفيظ الله ملڪ پنهنجي مرضي سان کدڙن فقيرن سان گڏ ويو ھو جنهن کي چار ڏينھن بعد کدڙن فقيرن جي مڙھي تان پوليس ھٿ ڪيو ھو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻئي نوجوان کدڙن فقيرن ڏانھن ايندا ويندا رھندا آھن، ٻنھي نوجوانن جو کدڙن فقيرن ڏانھن لاڙو گھڻو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو