خانواهڻ ۾ زميندار۽ رتوديرو ۾ نوجوان قتل، عورت جي خودڪشي

ڪراچي( نمائندن وٽان) خانواهڻ لڳ زميني تڪرار تان وڏيرو روشن ضميرڪونڌر، رتوديرو لڳ موٽر سائيڪل سوار نياز چانڊيو نامعلوم هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويا جڏهن ته اسلام ڪوٽ لڳ ڪولهي عورت وليان گهرو اڻبڻت تي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ڪوٽڙي ڪبير مان سنڌيار جي نمائندي پرويز حسين ڀنڊ موجب ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ڦرڙا ۽ ڪونڌر برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو آهي. پنهنجي زمين تي ويل 30 ورھين جي نوجوان زميندار روشن ضمير ڪونڌر تي ڇھن ھٿياربندن حملو ڪري پسٽل جا فائر ۽ ڪھاڙين جا وار ڪيا جنھن سبب ھو ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ھٿياربندن فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي خانواھڻ پوليس پھچي لاش تحويل ۾وٺي تعلقه اسپتال ڪنڊيارو پھچايو جتي پوسٽ مارٽم ڪرائي مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن تہ آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو ھو نہ ئي ڪا گرفتاري ٿي هئي. ھوڏانھن نوجوان زميندار جي قتل بعد ڪونڌر برادري جا سوين ماڻهون واقعي واري هنڌ پهچي ويا جڏهن تہ پوليس پڻ وڏي تعداد ۾ جهيڙو ٽارڻ لاءِ پهتل آهي.*** رتوديرو مان فدا حسين لاشاري موجب شهر ۾ موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري 37 سالن جي نوجوان نياز حسين پٽ رجب علي چانڊيو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

پوليس نوجوان کي تعلقه اسپتال پهچايو  جتي سندس وارثن کي اطلاع ڪيو ويو، ضروري ڪاروائي بعد مڙه وارثن حوالي ڪيو ويوقتل ٿيل نوجوان ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ جوابپور جو ٻڌايو پيو وڃي, جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو. **** اسلام ڪوٽ مان صادق بجير موجب اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر روڊ تي اونڌي لڪ وٽ آباد ڪولهي  پاڙي ۾  35 ورهين جي بيواه عورت وليان زال پريو ڪولهي پنهنجي گهر جي چونئري ۾ رسو ٻڌي مبينا  ڦاهو کاهي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. اطلاع تي پوليس پهچي لٽڪيل  لاش لاهي  تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال آندو،جتي فوتي عورت جا وارث به پهچي ويا،اۡنهي موقعي تي فوتي ناري جي  پيءۡ سومون،ڀائرن هرسينگھ، وهيون ۽ ڀيڻ هنجو ٻائي ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان جي  نياڻي جو گهر وارو ڇھ مهينا اڳ فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد نياڻي  کي  سندس ڏير گينو تنگ ڪندو هو ۽ شڪ آهي ته گيني هٿ سان کيس قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو رچايو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي پيءۡ سومون جي چون موجب رپورٽ داخل ڪئي آهي ۽ پوسٽ مارٽم رپورت بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو