ايم ڪيو ايم سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي قائم، خالد مقبول سان رابطو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي وفاقي ڪابينه کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته حڪومت سان واعدو ڪيو هو ته حڪومت ٺاهڻ ۾ توهان جي مدد ڪنداسين اسان پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي پر اسان جي هڪ نقطي تي به ڪا به پيش رفت نه ٿي سگهي آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، جهانگير ترين ۽ پرويز خٽڪ تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي آهي جيڪا ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪري معاملو طئي ڪندي ۽ کيس پرچائي واپس ڪابينه ۾ شامل ڪرائيندي. ياد رهي ته خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته منهنجي لاءِ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن جو مان حڪومت ۾ هوندي ڪراچي عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهان ان ڪري وفاقي ڪابينه ۾ ويهڻ جو ڪو فائدو ناهي ۽ وزارت پاڻ وٽ رکڻ سان کوڙ سارا سوال جنم وٺن ٿا. چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري طرفان وزارتن جي آڇ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڪنوينر ايم ڪيو ايم چيو ته گذريل ڏينهن ۾ ٻئي پاسي کان به وزارت جي ڳالهه ڪئي وئي پر اسان حڪومت سان پنهنجو تعاون جاري رکنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو