حڪومت 8 روپين کان وڌيڪ پيٽرول جي قيمت وڌائي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پاران عوام لاءِ رليف پيڪيج جي اعلان کان هڪ ڏينهن پوءِ ئي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تيزيءَ سان واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان گذريل رات جاري ڪيل پڌرائي موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا 3 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 145 رپيا 82 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 14 پئسا في ليٽر جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 رپيا 27 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو