حڪومت ۽ پارٽي اڳواڻ برسات متاثرن جي مدد ڪن، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي سميت سنڌ ۾ برساتن سبب ٿيندڙ نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ڏکئي وقت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن پارٽي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن تي زور ڀريو ته هو برسات سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن تيز ڪن. هن چيو ته هي وقت الزام لڳائڻ جو نه پر عوام کي برسات جي تباهڪارين کان بچائڻ جو آهي. هن چيو ته الزام لڳائيندڙن کي نظر انداز ڪري سنڌ حڪومت ۽ جيالا خدمت ۾ مصروف رهن. ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ جاين تي پهچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو