حڪومت ۽ اپوزيشن چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي متفق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ اپوزيشن چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ سڪندر سلطان راجه جي نالي تي متفق ٿي ويون آهن. حڪومت ۽ اپوزيشن جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس وفاقي وزير شيرين مزاري جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي نالن تي بحث ڪيو ويو. پارلياماني ڪميٽي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي نالن تي اتفاق ڪري ورتو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ سلطان راجه جي نالي تي جڏهن سنڌ کان نثار دراني، بلوچستان کان شاهه محمود جتوئي کي ميمبر اليڪشن ڪميشن تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير شيرين مزاري به چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي نالن تي متفق ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٽنهي نالن تي گڏيل فيصلو ڪيو ويو آهي. شيرين مزاري چيو ته متفقه طور چونڊيل نالا هاڻي وزير اعظم کي موڪليا ويندا. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي نالن تي اتفاق ٿيڻ کانپوءِ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو ته ڪم اتفاق راءِ سان ٿيڻ تمام بهتر آهي ٻنهي ڌرين طرفان لچڪ جو مظاهرو ڏيکاريو ويو حڪومت پهرين پنهنجي نالي تي ضد ڪيو ويٺي هئي پر بعد ۾ ان کي نالا تبديل ڪرڻا پيا. سڪندر سلطان محنتي ۽ ايماندار آهي. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ اڳوڻي بيورو ڪريٽ جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي ميمبر لاءِ فائنل ٿيندڙ نثار دراني حيدرآباد لاڪاليج جو پرنسپل ۽ حيدرآباد بار ايسوسيئيشن جو صدر رهي چڪو آهي جڏهن ته شاهه محمود جتوئي به سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي. پارلياماني ڪميٽي وچ ۾ اتفاق راءِ ٿيڻ بعد هاڻي ملڪ جو صدر نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي جي منظوري ڏيندو. ياد رهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان 6 ڊسمبر 2019 تي رٽائرڊ ٿيو ۽ ان جي جڳهه تي جسٽس رٽائرڊ الطاف قريشي قائم مقام اليڪشن ڪمشنر جي فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان کان اڳ سنڌ ۽ بلوچستان جي اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي نالن تي اپوزيشن ۽ حڪومت اتفاق ٿي چڪو هو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هڪ آئيني ادارو آهي چيف جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي مدي ختم ٿيڻ ۽ هڪ مهينو گذرڻ باوجود چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ مسلسل ڳالهيون هلنديون رهيون ۽ ڪيترن ئي نالن تي اعتراض واريا ويا ۽ ڪنهن به هڪ نالي تي اتفاق نه ٿي رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو