حڪومت ڪشمير تي سوديبازي ڪري يڪجهتي کي نقصان رسائي پئي،بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت مودي کي بي نقاب ڪرڻ ۽ ڪشمير معاملي تي قومي يڪجهتي کي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ رڳو اپوزيشن خلاف انتقام ۾ رُڌل آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميري قيادت وزيراعظم عمران خان کي دوري ۽ اتان جي قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي، اهي 2 ڏينهن تائين انتظار ڪندا رهيا پر وزيراعظم نه ويو. اسان حڪومت جي نااهلي، نالائقي ۽ ناڪامي هر شئي برداشت ڪري سگهون ٿا، پر ڪشمير ڪاز تي سوديبازي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙي وقت ۾ جڏهن اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سڀ گڏجي انتهاپسند مودي کي بي نقاب ڪريون ۽ هم آواز ٿي ان خلاف ڳالهايون. هن وقت پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کان انتقام ورتو پيو وڃي، جنهن ڏينهن سڀ کان وڏي خبر ڪشمير جي حوالي سان هجڻ گهرجي، ان ڏينهن وڏي خبر مريم نواز جي گرفتاري ٿي وڃي ٿي. بزدل حڪومت اڌ رات جو فريال ٽالپر کي اسپتال مان جيل منتقل ڪيو، جيڪو قانون جي خلاف هو. حڪومت جي اهڙي اپائن سان اسان کي اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته اها ڪشمير معاملي تي قومي يڪجهتي نٿي چاهي ۽ حڪومت قومي يڪجهتي کي سبوتاز ڪري رهي آهي. ڪنهن نالائق وزيراعظم جي ڪري ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچي رهيو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي ڪالهوڪي بيان تي دل برداشته ٿيا آهيون، حڪمران ايڏا ته ننڍڙا آهن جو آصف زرداري کي عيد نماز به نه پڙهڻ ڏني وئي. حڪومتي ٽڪساٽ سان پيپلز پارٽي ڪمزور نه پر اڃا مضبوط ٿي رهي آهي . هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ حڪومت کي ووٽ ڏيندڙ سينيٽرن جي نشاندهي ڪرڻ مشڪل ڪم آهي پر ڪميٽي ان تي ڪم ڪري پئي. هن وڌيڪ چيو ته ان معاملي تي اپوزيشن م غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ياد رهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو هو ته بلاول ڪشمير تي سياست پيو ڪري. هوڏانهن پنجاب حڪومت جي ترجمان شهباز گل بلاول جي پريس ڪانفرنس تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته بلاول کي شرم ڪرڻ گهرجي، ڪشمير جي مسئلي تي سياست ڪري علط بياني پيو ڪري.  واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان 14 آگسٽ تي آزاد ڪشمير جي اسمبلي کي خطاب ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو