ڪابه شيءَ اهڙي ناهي جنهن تي ٽيڪس نه هجي، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت عام ماڻهو جي استعمال جي ڪابه اهڙي شيءَ ناهي ڇڏي جنهن تي ٽيڪس نه لڳايو هجي.پنهنجي بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ ۾ عوام تي تقريبن پوڻا چار سئو ارب روپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس لڳائڻ جي عمل کي ظالماڻو قرار ڏيندي چيو آهي ته بجيٽ ۾ فون ڪال، ايس ايم ايس ۽ انٽرنيٽ تي ٽيڪس لڳائڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن واپس وٺڻ حڪومتي وائڙائپ جو ثبوت آهي.عمران خان جي حڪومت عام ماڻهو جي  استعمال جي ڪابه اهڙي شيءَ ناهي ڇڏي جنهن تي ٽيڪس نه لڳايو هجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جي حڪومت ڳرن ٽيڪسن جي طوفان تي عوامي رد عمل کان ڊنل آهي.تحريڪ انصاف ۽ آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ ٽيڪسن جي نالي تي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ کي رد ڪريان ٿو. عمران خان جي عوام دشمن معاشي قدمن کي بي نقاب ڪندو رهندس.

پهنجو تبصرو موڪليو